خير شاهه 1

خير شاهه 1: مشهور شاعر خير شاهه، سچل سرمست جو عقيدتمند هو ۽ رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو، سندس جنم 1190هه / 1776ع ڌاري ٿيو، مشهور صوفي شاعر غمدل فقير جي فرزند لطف علي فقير جي روايت موجب خير شاهه گهڻو ڪري پردي ۾ رهندو هو، سواءِ ڪن ويجهن عزيزن ۽ دوستن جي ڪنهن سان ظاهر طرح نه مليو. سندس وار ڊگها ۽ کليل هوندا هئا. خير شاهه ڪافي عرصو پنهنجي مرشد سچل سرمست جي خدمت ۾ رهيو. سچل سرمست کيس تصوف جا نڪتا سمجهايا، اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي ڪافين ۾ تصوف جا نڪتا سهڻي نموني سمجهايا آهن. خير شاهه جي ڪلام ۾ شاهه لطيف ۽ سچل جي شاعريءَ وانگر سورمين جو ذڪر ملي ٿو. هن ڀٽائيءَ وانگر سڀ کان گهڻو سسئيءَ کي ڳايو آهي. خير شاهه کي سچل سرمست کان فقيري ۽ شاعريءَ وارو ونڊ مليو ۽ هو سچل سرمست جي صحبت ۾ رهي رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام تصوف، عشق، محبت ۽ نصيحت سان ڀريل آهي. خير شاهه جي اوتاري تي هر جمعي رات راڳ ويراڳ جي محفل ٿيندي هئي، پري پري جا فقير فقراءَ ۽ راڳ جا شوقين اچي گڏ ٿيندا هئا. کيس هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو، جنهن جي شادي لاڙڪاڻي ڀرسان غوثل شاهه سان ٿي.
خير شاهه جو ڪلام گهڻو هو، جيڪو هينئر ناياب آهي. سندس ڪجهه ڪافيون مير حسين علي واري بياض ۾ موجود آهن، اهو بياض حيدرآباد جي ميرن جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. ناليواري شاعر خير شاهه جي وفات 1260هه / 1844ع ڌاري ٿي. کيس اوتاري واري جڳهه ۾ ئي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو